شني آهوجا

شني آهوجا

شني آهوجا

شني آهوجا: هندستان جو ناليوارو ماڊل ۽ بالي ووڊ جو اداڪار شني آهوجا 15 مئي 1970ع تي نئين دهليءَ ۾ ڄائو. هن جو واسطو سنڌي گھراڻي سان آهي. سندس والد انڊين آرمي آفيسر هو. شني کي ننڍي هوندي کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو. هن ابتدائي تعليم ايس. ٽي شوير اسڪول رنڇي مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ آرمي پبلڪ اسڪول ڍولا ڪون نئين دهليءَ ۽ ايشين اسڪول دهليءَ ۾ پڙهيو. ڪاليج جي زماني ۾ ئي ڪيترن ناٽڪن ۽ ناٽڪ سکيا ورڪشاپن ۾ حصو وٺندو رهيو. هن نيشنل اسڪول آف ڊراما جي پليٽ فارم تان پڻ ڪيترن ئي ورڪشاپن ۾ حصو ورتو، جن ۾ هن اداڪاريءَ متعلق ڪافي ڪجھه سکيو. ان ئي زماني ۾ هن ‘ٽيگ‘ نالي هڪ ٿئٽر گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جتي سندس ملاقات بيري جان سان ٿي، ستت ئي ‘بيري جان ايڪٽنگ اسڪول’ ۾ داخلا ورتائين. هن 1999ع ڌاري دهلي ڇڏي بمبئي وڃي رهائش اختيار ڪئي، هن اشتهارن توڙي ننڍن ٽي. وي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ شروع ڪئي. هن برٽش ايشين بينڊ اسٽيريو نيشن سان پڻ ميوزڪ وڊيو ۾ ماڊل طور ڪم ڪيو. هن جي پهرين فلم ‘هزارون خواهشين ايسي’ هئي، جيڪا 2004ع ۾ ٺهي ۽ 2005ع ڌاري رليز ٿي، جنهن فلم تي شني آهوجا کي فلم ميلي ۾ اسڪرين اوارڊ، آءِ. آءِ. ايف اوارڊ، فري سئنيما اوارڊ، اسٽار ڊسٽ اوارڊ مليا. هن مهيش ڀٽ جي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل فلم ‘گينگسٽر 2006ع’ ۾ پڻ ڪم ڪيو، جيڪا مقبول وئي. ان کان سواءِ ‘وه لمحي’ ۾ پڻ ڪامياب اداڪاري ڪيائين، جنهن ۾ کيس پسند ڪيو ويو.
هن انوپما آهوجا سان شادي ڪئي، جنهن مان ارشيا آهوجا نالي هڪ ڌيءَ 2007ع ۾ ڄائي. هن بهترين اداڪار طور ننڍي عمر ۾ ڪيترائي اوارڊ ماڻيا آهن.
شني آهوجا هيٺين فلمن ۾ مختلف ڪردارن طور ڪم ڪيو آهي:
(1)هنس (2005ع)، (2) ڪرم (2005ع)، (3) Yesterday and Tomorrow ، (4)گينگسٽر (2006ع)، (5) فنا (2006ع)، (6) زندگي راڪس (2006ع)،
(7) وه لمحي (2006ع)، (8) Life in Metro (2007ع)، (9) ڀول ڀليان
(2007ع)، (10) کويا کويا چاند (2007ع)، (11) هجڪ (2008ع)،
(12) هر پل (2010ع) ۽ (13) گھوسٽ (2012ع).
هيءُ هن وقت بمبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ شني آهوجاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو